هي دنيا هلچل جي بستي
هت ماڻهو ايندا ويندا هن
چار گهڙيون مهمان رهي
پر لوڪ پڌاري ويندا هن
اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي
ياد نہ ڪنهن کي ايندا هن
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾
نقش اڀاري ويندا هن
اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان
هرهر مرندا جيئندا هن
ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي
موت کي ماري ويندا هن
اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاءِ
قـوم کي ماري ويندا هن
ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي
قوم جيئاري ويندا هن
اڪثر ماڻهو مت جا موڙها
پاڻ نہ پنھنجا ٿيندا هن
ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي
تقدير سنواري ويندا هن
اڪثر ماڻهو مستانن تي
ڪوڙي فتويٰ ڏيندا هن
ڪي ڪي ماڻهو انا الحق جي
تند تنواري ويندا هـن
اڪثر ماڻهو عهدي خاطر
پاڻ وساري ويندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو "دربدر" ٿي
وقت گذاري ويندا آهن…
#ماماجمن_دربدر
Негізгі бет هيءَ دنيا هلچل جي بستي | جمن دربدر | سنڌي سب ٽائٽل سان HD Audio
Пікірлер: 8