Jeka Khaliqa Janata Banai aa Uha Mola Raza Ji Shahi aa | Bakhtiar & Baqir Mukhtiar Ali Sheedi || New Manqabat Mola Imam Ali Raza as 2021
Vocalist:
Bakhtiar Mukhtiar Ali Sheedi & Baqir Mukhtiar Ali Sheedi
Video Direction:
Mazhar sangi
Video Editor:
Hizbullah Soomro
Audio Mixed & Mastered by Sarmad Mahar
Connect with Bakhtiar Ali Mukhtiar & Baqir Mukhtiar:
Facebook: / about
Instagram: instagram.com/...
Lyrics:
آهي مشھد پاڪ ۾ جنت جو سردار
بيشڪ آ مولا رضا اَڙين جو آڌار
اسان عزادار آهيون اُن جي آسري
=================
جيڪا خالق جنت بڻائي آ
اُھا مولا رضا جي شاھي آ
مشھدَ ۾ جنت سجائي آ
=================
ناهي مولا رضا جو ڪو ثاني
ملي زوارن کي ٿي مھماني
جنت مان اچي ٿي ماني
ھتي سوني سبيل سجائي
روضي جو طواف ڪرائي
رب ڪوثر جنهن ۾ ملائي آ
=================
ھتي عَھد شِفا جو در آ
ھِتان ملندي شِفا اڪثر آ
جيڪو نہ مڃي منڪر آ
عظمت ۾ مولا عظيم آ
لقمان جو ڏيھي حڪيم آ
جنهن جي خالق عِزت وڌائي آ
=================
مَعصوم قُم جو وير آ
مولا لجپال امير آ
ھر ھڪ مومن جو پير آ
والي آ عرشِ عُلا جو
در آهي عظيم رضا جو
اُتي جھڪندي ساري خدائي آ
=================
ھَر ھِڪ مومن مَشڪور آ
توڙي جو مولا دور آ
پَر پوءِ بہ ٻڌندو زرور آ
جا آس ھوندي آ دل ۾
مشھد جو سخي ھڪ پل ۾
ڪندو بيشڪ سَڀ جي سَڻائي آ
=================
رَھي آس ھي زندگي ساري
ڪَيان مولا رَضا جي زواري
ٿي پئي مشھد ڏي تياري
بيشڪ عَدنا ھي سَليم آ
پر مولا رَضا تہ ڪريم آ
منهنجي حيثيت نہ ڪائي آ
#new_manqabat_mola_imam_raza
Негізгі бет Mola Raza Ji Shahi | Bakhtiar & Baqir Mukhtiar Ali Sheedi || New Manqabat Mola Imam Ali Raza as 2021
Пікірлер: 335