تحقيق ۽ تشريح : حضرت سردار محبوب شاه لڪياري
گادي نشين حضرت سردار احمد شاه لڪياري رحه
پيشڪش : محمد قاسم ماڪا ۽ احسن قاسم ماڪا
Producer : Muhammad Qasim Maka & Ahsan Qasim Maka
Shah Abdul Latif Bhittai ( Shah Jo Risalo ) Tanbooro ( Music Instrument ) Tand Music Thought
شاه جو رسالو
داستان پنجون
بيت پنجون
سُر ماروي
ڪونهي قادُرُ ڪو ٻِيو، اُنيِن جو اَڀاڳُ،
قُل لَن يُصيبَن ا الا ماَ کَتَبَ اللهُ، اِي مَعذِرَت ماڳُ،
سَڀوئي سَڀاڳ، مارُئيءَ مُساوي ٿِيو
لفظ: قادُر
معنيٰ سگھارو
لفظ: اَڀاڳُ
معنيٰ: بدبختي سندس طرفان آهي
لفظ: قُل لَن يُصيبَن
معنيٰ: چئو ته ڪابه مُصيبت اسان کي نه رسندي ، سواءِ اُنهي جي جا الله اسان جي حق ۾ لِکي آهي
لفظ: مَعذِرَت
معنيٰ: عذر جي واٽ
لفظ: سَڀوئي
معنيٰ: سموري تقدير
لفظ: مُساوي
معنيٰ: هڪجھڙو
سمجھاڻي:
سواءِ ڌڻيءِ جي ٻيو ڪوبه سگھارو ناهي. بدقسمتي سندس ئي طرفان آهي، ”چئو ته ڪابه مُصيبت اسان کي نه رسندي ، سواءِ اُنهي جي جا الله اسان جي حق ۾ لِکي آهي” اها ئي عذر جي واٽ آهي. مارُئيءَ لاءِ مڙيائي تقدير (سنئين توڙي ڏنگي) هِڪجھڙي آهي.
Негізгі бет Who is Shah Abdul Latif Bhittai Part 3 Research by Sardar Mehboob Shah Lakyari | music thought
Пікірлер: 33